شيخ اياز

شيخ اياز

ڪيرت ٻاٻاڻي، sindhisangat.com

ڪيرت ٻاٻاڻي، sindhisangat.com

باغي منڊل ڪراچي

باغي منڊل ڪراچي: ’باغي منڊل‘ جي نالي سان هڪ ادبي ادارو، سنڌي ٻوليءَ جي اديبن، شاعرن، موهن پنجابي، شيخ اياز ۽ ٻين دوستن 1947ع جي ابتدا ۾ فريئر روڊ ڪراچيءَ ۾ قائم ڪيو. هن اداري پاران پهريون ڪتاب، شيخ اياز جي ڪهاڻين جو مجموعو ”سفيد وحشي“ جي نالي سان اپريل 1947ع ۾ موهن پنجابيءَ ڇپائي پڌرو ڪيو. هيءُ ڪتاب ڪرائون سائيز جي 65 صفحن تي مشتمل هو، جنهن جي ابتدا ۾ شيخ اياز جو هڪ حقيقت افروز مهاڳ ڏنل آهي. جون 1947ع ۾ ساڳئي اداري پاران شيخ اياز جو ترتيب ڏنل موهن پنجابي، شيخ اياز، امرلعل پنجواڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي ۽ ٻين جي ڪهاڻين تي مشتمل ڪتاب ”اسان جي سنڌ“ ڇپايو ويو. ڪتاب ”اسان جي سنڌ“ ۾ شيخ اياز جيڪو فڪري مهاڳ لکيو آهي، ان کي پڙهي، سندس ان وقت جي ادبي، سماجي، اقتصادي ۽ قومي شعور کي داد ڏيڻو پوي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1947.00.00  عيسوي

باغي منڊل ڪراچي: ’ باغي منڊل ‘ جي نالي سان هڪ ادبي ادارو ، سنڌي ٻوليءَ جي اديبن ، شاعرن ، موهن پنجابي ، شيخ اياز ۽ ٻين دوستن 1947ع جي ابتدا ۾ فريئر روڊ ڪراچيءَ ۾ قائم ڪيو


1947.03.00  عيسوي

’ باغي منڊل ‘ جي نالي سان هڪ ادبي ادارو هن اداري پاران پهريون ڪتاب ، شيخ اياز جي ڪهاڻين جو مجموعو ” سفيد وحشي “ جي نالي سان اپريل 1947ع ۾ موهن پنجابيءَ ڇپائي پڌرو ڪيو


1947.06.00  عيسوي

جون 1947ع ۾ ساڳئي اداري پاران شيخ اياز جو ترتيب ڏنل موهن پنجابي ، شيخ اياز ، امرلعل پنجواڻي ، ڪيرت ٻاٻاڻي ۽ ٻين جي ڪهاڻين تي مشتمل ڪتاب ” اسان جي سنڌ “ ڇپايو ويو . ڪتاب ” اسان جي سنڌ “ ۾ شيخ اياز جيڪو فڪري مهاڳ لکيو آهي ، ان کي پڙهي ، سندس ان وقت جي ادبي ، سماجي ، اقتصادي ۽ قومي شعور کي داد ڏيڻو پوي ٿو .



ادارا ۽ تنظيمون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

انجمن شعراءِ هالا
پاڪستان اسٽيٽ آئل
زئبسٽ
اسڪالرز اڪيڊمي
پاڪستان رائٽرز گلڊ
الهلال ڊرامٽڪ سوسائٽي
سچل سرمست يادگار ڪاميٽي
اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا
ٿياسافيڪل سوسائٽي
بلوچ اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن
ادارا ۽ تنظيمون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون